عـزيـز ڪـنگـراڻـي

عـزيـز ڪـنگـراڻـي

عـزيـز ڪـنگـراڻـي

عـزيـز ڪـنگـراڻـي: نامـور ڪـهاڻيڪـار، ڊرامانگار، شاعر ۽ محقق، عزيز ڪنگراڻيءَ جو پورو نالو عزيزالله ولد سومار خان ڪنگراڻي آهي. سندس جنم 4 جنوري 1958ع تي ڳوٺ ماڻڪ خان ڪنگراڻي، تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسـڪـول گـل مـحـمـد گـنـب مـان 1971ع ۾، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ مان 1977ع ۾، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادوءَ مان 1979ع ۾، بي. ايس. سي دادو ڪاليج مان 1982ع ۾، ايم. اي اسلامڪ ڪلچر ۾ 1985ع ۾ ۽ ايم. اي سنڌيءَ ۾ 1987ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين. ان کان سواءِ 1989ع ۾ بي. ايڊ پڻ ڪئي اٿس. هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات 1981ع ۾ سول اسپتال دادوءَ ۾ ويڪسينيٽر طور ڪئي. بعد ۾ ساڳئي سال تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. 1984ع ۾ ترقي ڪري جي. ايس. ٽي طور مڊل اسڪول مانجهند مقرر ٿيو. 1986ع ۾ ايڇ. ايس. ٽي طور ترقي ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ ۾ سائنس ٽيچر مقرر ٿيو. 1993ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ اسلامڪ ڪلچر ۽ سنڌيءَ جي مضمونن ۾ پاس ٿيو. پوءِ سنڌيءَ جي چونڊ ڪري 1993ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جوهيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. جتان ترقي ڪري اسسٽنٽ پروفيسر پوءِ 2013ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج واهي پانڌيءَ ۾ پرنسپال مقرر ٿيو.
عزيز ڪنگراڻي لکڻ جي شروعات اٺين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران 1974ع ڌاري ڪئي. هن ڪهاڻين کان سواءِ شاعري، مضمون، تنقيدي مقالا ۽ تحقيقي مقالا پڻ لکيا آهن. سندس لکڻيون ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون. سندس ڪيترائي ڊراما ريڊيو پاڪستان ٽيليويزن ۽ ٻين سنڌي چئنلن تان نشر ٿي چڪا آهن. سندس پهريون ڊرامو 1989ع ۾ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ‘پنجوڙ’ پيش ٿيو. جڏهن ته پي. ٽي. وي تي سندس پهريون ڊرامو ‘اولڙا ۽ عڪس’ محمد بخش سميجي 1990ع ۾ پيش ڪيو. سندس ٻين مشهور پي ٽي وي ڊرامن ۾: وسڪاري کانپوءِ شفق، زندگيءَ جو امر گيت، سمنڊ تي لڪير، چاند، محبتن جو الميو، پاڻيءَ تي ليڪا، اردو ڊراما سيريلز ۾: جيت، جلتي سورج ڪي نيچي، سنڌي سيريل ڪونج، ڪنارو، ڇوٽڪارو ۽ وفائن کان پوءِ قابل ذڪر آهن. ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي ڊراما سيريل ۾: ڳاڙهي، ڪڏهن ته مـلـنداسين، ڪـارو سـج، خـالي هـٿ، دام، هـوءَ منهنجي نه هئي، پيار گرهڻ، ڪا سار ته لهڻي آ، عشق آتش، وڇوٽي جي لڪير وغيره قابل ذڪر آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: سنڌ پري (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون: 1999ع)، روڳ (ڪهاڻيون: 2005ع)، تڙ تڙ تي طوفان (شاعري: 2005ع)، ڪاڇو هڪ اڀياس (تحقيق: 2009ع)، اکر اکر آرسي (استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي لغت: 2009ع)، دادو ائٽ اي گلانس (مرتب: 2011ع)، سنڌ ٽوئرزم آرڪيالوجيڪل جرني (2012ع)، گورک مٿي چنڊ (شاعري 2016ع)، تاريخ جا ترورا (تحقيقي مضمون: 2016ع) ۽ پيار گرهڻ (ڪهاڻيون: 2017ع) قابل ذڪر آهن. کيس خدمتن طور ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾ ايم اي گولڊ ميڊل (سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، 1990ع)، ڪينجهر مئگزين طرفان تحقيق تي اوارڊ (1994ع)، ثقافت کاتي طرفان لال شهباز اوارڊ (1995ع)، عباسي ڪلهوڙا تنظيم طرفان ادبي اوارڊ (1997ع)، پي ٽي وي طرفان بهترين ڊرامانگار اوارڊ (2001ع)، جارڊن آرگنائيزيشن طرفان بهترين ليکڪ طور مخدوم بلاول اوارڊ (2002ع)، ڪي ٽي اين طرفان بهترين ڊرامانگار اوارڊ (2003ع)، سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ طرفان مادر وطن اوارڊ (2003ع)، پريس ڪلب جوهيءَ طرفان بهترين ليکڪ اوارڊ (2003ع)، سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن طرفان علڻ فقير اوارڊ (2004ع)، ڪي ٽي اين طرفان بهترين ڊرامانگار اوارڊ (2006ع)، سچل آرٽ ڪلب ڪراچيءَ طرفان بهترين ليکڪ اوارڊ (2007ع)، استاد بخاري اڪيڊمي دادوءَ طرفان تحقيق نگار اوارڊ (2008ع)، ڪي ٽي اين طرفان بهترين ڊرامانگار اوارڊ (2011ع)، سياحت، ثقافت کاتي طرفان بهترين محقق شيلڊ (2012ع)، سنڌ ٽي وي طرفان بهترين ڊرامانگار اوارڊ (2015ع)، سنڌي ادبي سنگت ضلعي دادو طرفان لائيف اچيومينٽ اوارڊ (2016ع)، گسٽا ضلعي دادوءَ طرفان بهترين استاد اوارڊ (2017ع)، متل سوشل ويلفيئر ايسوسيئيش ڪراچيءَ طرفان بهترين ڊرامانگار اوارڊ (2018ع) قابل ذڪر آهن.
هيءُ هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج واهي پانڌيءَ جي پرنسپال طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.01.04  عيسوي

نامـور ڪـهاڻيڪـار، ڊرامانگار، شاعر ۽ محقق، عزيز ڪنگراڻيءَ جو پورو نالو عزيزالله ولد سومار خان ڪنگراڻي آهي. سندس جنم 4 جنوري 1958ع تي ڳوٺ ماڻڪ خان ڪنگراڻي، تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شمس الدين شمسي
شعبان بخت
عبدالجبار عابد لغاري
سلطان حيدر مرزا
ٻلديو مٽلاڻي
اشفاق لغاري
قلندر شاهه لڪياري
آفتاب احمد ميمڻ
ڌڻي بخش مگسي
غلام حسين مشتاق سچاروي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون